نئون آرمي چيف ڪير هوندو؟ اهم خبر اچي وئي

 

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ نئين آرمي چيف جي اعلان ۾ ڪجهه وقت وڃي بچيو آهي ۽ اهم مقرريءَ جي حوالي سان مختلف خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته فلاڻي کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو.

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم کي بچاءَ واري وزارت طرفان موڪليل سمري وصول ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

جي ايڇ ڪيو 6 سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرلز جا نالا بچاءَ واري وزارت کي موڪليا هئا، خواجا آصف به چيو هو ته سمري وزيراعظم آفيس کي وصول ٿي وئي آهي، ٻيا مرحلا به جلد طئي ٿي ويندا.

ملڪ جو صدر وزيراعظم جي سفارشن جي روشني ۾ نالي جي منظوري ڏيندو آهي ۽ سينارٽي ۾ جنرل عاصم منير سڀني کان مٿي آهي.

جي ايڇ ڪيو طرفان 6 سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرلز جا جيڪي نالا بچاءَ واري وزارت کي موڪليا ويا آهن، انهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير، ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد، ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس، ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر جو نالو شامل آهي.

ذريعن موجب وڌيڪ امڪان آهن ته سينارٽي لسٽ ۾ سڀني کان مٿي جنرل عاصم منير جو نالو آهي ۽ ان کي ئي آرمي چيف مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته سينارٽي ۾ ٻئي نمبر تي موجود ساحر شمشاد کي جوائنٽ چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويندو آهي.

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي ٽن نالن تي اعتراض آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن صدر عارف علوي تي به دٻاءُ وڌو آهي ته جيڪڏهن انهن جا نالا اچن ٿا ته توهان کي سمري روڪي ڇڏڻي آهي.

ذريعن موجب جيڪڏهن عارف علوي استعيفيٰ ڏئي ٿو ته يا وري سمري تي صحيح به ڪري ٿو ته عمران خان آرمي چيف جي مقرري جي معاملي کي عدالت وٺي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.