سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ پوليس بدلين ۽ مقررين بابت8 سالن جو رڪارڊ گھري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار ۽ صوبن کان پوليس کاتي ۾ گذريل 8 ورهين دوران ٿيندڙ بدلين ۽ مقررين جو رڪارڊ طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته آفيسرن جي هر هر تبديلي سان کاتن جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس عائشا ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله جي تي مشتمل 3 رڪني بينچ پنجاب پوليس جي بديلن ۽ مقررين ۾ سياسي مداخلت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

واضح رهي ته فيصل آباد واسي درخواستگذار راڻا طاهر سليم پوليس کاتي جي معاملن ۾ غيرقانوني سياسي مداخلت روڪڻ لاءِ مناسب حڪم ڏيڻ جو استدعا ڪئي هئي.

هن پنهنجي درخواست ۾ پوليس آرڊر 2002 جي کليل ڀڃڪڙي جو معاملو به اٿاريو، جنهن پوليس اهلڪارن جي بدلين جي حوالي سان مدي کي تحفظ ڏنو ويو آهي جنهن جي ڀڃڪڙي ڪندي ايس ايڇ او کان وٺي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس تائين پوليس آفيسرن جي بدليون ۽ مقرريون ڪيون وڃن ٿيون.

اڄ ٻڌڻي جي شروعات تي درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سياسي مداخلت جي نتيجي ۾ صوبي ۾ پوليس اهلڪارن جي مقرري ۽ بدلي روڪي وئي.

چيف جسٽس عمر عطابنديال وڪيل پاران پيش ڪيل انگن اکرن تي ريمارڪس ڏنا ته رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊي پي او جو سراسري مدو رڳو 5 مهينا رهيو.

ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته گذريل 4 ورهين کان پنجاب ۾ 268 ڊي پي اوز جي تبديلي ڪئي وئي.

جسٽس عائشا ملڪ وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان پاران پيش ڪيل ڊيٽا جو ذريعو ڇا آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته ڊيٽا، ڪيپٽل سٽي پوليس آفيس مان حاصل ڪئي وئي.

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته پوليس کاتي ۾ سياسي مقرريون فوجداري انصاف جي نظام کي متاثر ڪن ٿيون.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهڙيون حالتون ئي آفيسرن کي سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي گھربل پوسٽنگ حاصل ڪرڻ تي ڀڙڪائين ٿيون.

چيف جسٽس چيو ته وڪيل نشاندهي ڪئي ته هي معاملو رڳو پنجاب تائين محدود ناهي، درخواستگذار جي درخواست تي عدالت عظميٰ درخواست جو دائرو رڳو پنجاب بدران ٻين صوبن تائين وڌائي ڇڏيو.

ان دليلن کانپوءِ چيف جسٽس وفاقي حڪومت ۽ صوبن کي 2 هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 2 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي درخواست بنيادي طور تي پنجاب ۾ پوليس آفيسرن جي سياسي بنيادن ٿيندڙن مقررين ۽ بدلين خلاف هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.