نوشهروفيروز موٽروي فنڊز ڪرپشن: ڊي سي تاشفين عالم ٻاهرين ملڪ فرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نوشهري فيروز موٽروي فنڊز ۾ ڪرپشن جو جوابدار ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويو آهي.

وفاقي جاچ ايجنسي ايف آءِ اي تصديق ڪئي آهي ته ڊپٽي ڪمشنر عالم ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويو آهي.

ايف آءِ اي موجب تاشفين عالم اڻويهه نومبر تي دبئي نڪري ويو، تاشفين عالم دبئي مان پرڏيهي جهاز ذريعي آزربائيجان هليو ويو آهي.

ذريعن موجب نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم کي پندرهن سئو ايڪڙ زمين جي خريداري جي لاءِ ٽي ارب ايڪهٺ ڪروڙ رپين کان مٿي فنڊ جاري ڪيا هئا، جاري ڪيل فنڊز جي استعمال ۾ قانونن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙين ۽ مبينا ڦيرڦار جو الزام آهي.

ڊي سي تاشفين عالم چئن ڏينهن کان فرار هو جنهن تي کيس معطل ڪيو ويو هو.

چيف سيڪريٽري سنڌ انڪوائري جي لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا موٽروي جي زمينن جي خريداري جي جاچ پڙتال ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.