سڀاڻي وارو ڏينهن بهتر گذارڻ جو وڏو راز

سڀ ڪون چاهيندو آهي ته هر ڏينهن ان جي زندگي جي بهتر کان بهتر ڏينهن ۾ شمار ٿئي، جدوجهد ڪندڙ ماڻهو پنهنجو ايندڙ ڏينهن يا سڀاڻو بهتر بڻائڻ لاءِ جاکوڙيندا رهندا آهن ۽ اهڙن نتجين تي به پهچندا آهن.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته پنهنجو ايندڙ ڏينهن ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو؟

گهڻي قدر اڄڪلهه جي دور ۾ ماڻهن کان ڪم ڪرڻ جي عادت نڪرندي پئي وڃي ۽ رات جو دير دير تائين ننڊ نه ڪرڻ جي عادت ايندي پئي وڃي. ڇا توهان کي صبح جو اٿڻ وقت ٿڪاوٽ جو احساس ٿيندو آهي يا توهان پاڻ کي تازو محسوس ناهيو ڪندا.؟

حقيقت ۾ ان جو سبب ڪجهه عام شين جو خيال نه رکڻ آهي جيڪي رات جي ننڊ کانپوءِ ٻئي ڏينهن کي توهان جي لاءِ بهترين بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي تحيقيق ۾ چار اهڙين شين جي سڃاڻپ ڪئي وئي جيڪي صبح جو اٿڻ وقت توهان کي تازو، ڦڙت رکڻ ۾ مدد ڏينديون آهن.

ان تحقيق ۾ اٺ سئو ٽيٽيهه ماڻهن کي شامل ڪيو ويو جن مان گهڻي قدر ماڻهو جاڙا ڄاول هئا جنهن سان جينياتي اثرن کي ڄاڻن جو موقعو مليو.

تحقيق دوران ٻن هفتن تائين انهن جي کاڌي پيتي، جسماني سرگرمين، ننڊ جي عادت ۽ گلوڪوز جي سطح کي جاچيو ويو ۽ انهن ماڻهن کان روز پڇيو ويو ته صبح اٿڻ سان اهي ڪيتري حد تائين بهتر محسوس ڪندا آهن.

تحقيق ۾ ڏٺو ويندڙ پهريون عنصر يا جُز ننڊ ڪرڻ جو مدو هو، مطلب ته گهڻي وقت تائين سمهڻ کانپوءِ اٿڻ وارا ماڻهو جسماني ۽ ذهني طور تي ڦڙت هوندا آهن.

ڏينهن جو ڪيل ورزش ٻيو عنصر هو.

ماهرن  موجب ڏينهن جو گهڻي وقت تائين جسماني سرگرمين (رات جي وقت گهٽ سرگرميون ڪرڻ) ۽ سٺي ننڊ جي وچ ۾ لاڳاپا موجود آهن. جنهن سان صبح جي وقت ماڻهو گهڻا تازا توانا رهندا آهن.

ٽيون عنصر ناشتو آهي، صبح جي پهرين خوراڪ ۾ ڪاربوهائڊريٽس جهڙوڪ جون ڪڇ، ڪيلا، ڏهي يا ٻين شين جو استعمال وڌيڪ ڦڙت بڻائيندو آهي جڏهن ته گهڻي پروٽين جو اثر ابتو ٿي ويندو آهي.

آخري عنصر ناشتي کانپوءِ بلڊ شگر جي سطح.

جيڪڏهن نيراني کانپوءِ شگر ۾ تيزي سان واڌ ٿئي ٿي ته ذهني ۽ جسماني طاقت ۾ گهٽتائي ايندي آهي جڏهن ته ڪاربوهائڊريٽس تي ٻڌل نيراني کانپوءِ آهستي آهستي بلڊ شگر وڌڻ سان اهڙي طاقت وڌندي آهي.

سولن لفظن ۾ نيراني ۾ وڌيڪ مٺاڻ جو استعمال بلڊ شگر کي تمام تيزي سان وڌائيندو آهي جنهن جو نتيجو سستي جي صورت ۾ نڪرندو آهي.

ماهرن ٻڌايو ته نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته ڪجهه عام شين جو خيال رکي ننڊ جو معيار بهتر بڻائي سگهجي ٿو جنهن سان سڄو ڏينهن سُٺو گذرندو آهي.

هنن چيو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق پڻ ڪئي ويندي ۽ ماڻهن جي روز مرا جي روين ۽ ننڊ جي وچ ۾ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويندو.

ان تحقيق جا نتيجا جنرل نيچر ڪميونيڪيشن ۾ ڇپيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.