صدر عارف علوي طرفان استعيفيٰ ڏيڻ جو امڪان

 

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) اڄ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان بيان ڏنو آهي ته صدر عارف علوي نئين آرمي چيف جي سمري وصول ٿيڻ کانپوءِ مون سان مشاورت ڪندو، جڏهن ته صدر صاحب ڪجهه ڏينهن اڳ واضح طور تي چئي چڪو آهي ته مون وٽ آرمي چيف جي سمري آئي ته مان بنا ڪنهن اعتراض جي صحيح ڪري ڇڏيندس.

ذريعن موجب عمران خان صدر عارف علوي سان مشاورت جي ڳالهه ان ڪري ڪئي آهي، ڇو ته ٽن ليفٽيننٽ جنرلز تي اعتراض آهي ۽ عمران خان عارف علوي کي هدايت ڏني آهي ته جيڪڏهن انهن ٽن مان ڪنهن جو نالو اچي ته توهان کي سمري روڪي ڇڏڻي آهي.

انهن مان پهريون نالو ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جو آهي، جنهن بابت چيو ويندو آهي ته هن پنجاب ۾ ٿيندڙ ڪرپشن بابت ان وقت جي وزيراعظم عمران خان کي آگاهه ڪيو هو ۽ ان ۾ عثمان بوزدار، فرح گوگي جو نالو شامل هو ۽ معاملي جا پيرا بني گالا ڏانهن وڃي رهيا هئا، جنهن تي عمران خان ڪاوڙجي پيو ۽ آرمي چيف تي دٻاءُ وجهي سندس بدلي ڪرائي ڇڏيائين.

ٻيو جنرل اظهر عباس آهي، جيڪو هن وقت چيف آف اسٽاف آهي، چيف آف اسٽاف آرمي چيف کانپوءِ جي ايڇ ڪيو جي اهم شخصيت هوندو آهي، ڇو ته اهو سڄو نظام سنڀاليندو آهي، سندس بابت عمران خان جو خيال آهي ته هن جنرل باجوا جي کنيل قدمن تي ڀرپور ساٿ ڏنو آهي ۽ سندس ڪئمپ جو ئي ماڻهو آهي.

ٽيون جنرل محمد عامر آهي، جيڪو سينارٽي لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهي، ان بابت عمران خان کي خدشا آهن ته هو آصف زرداري جي صدارتي دور ۾ سندس ملٽري سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

صدر وٽ اختيار آهن ته هو سمري کي ڪنهن به جواز جي بنياد تي پهريون ڀيرو 14 ڏينهن تائين پاڻ وٽ رکي واپس ڪري سگهي ٿو، ان کانپوءِ وڌيڪ ٻه ڀيرا 10، 10 ڏينهن لاءِ سمري پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته آرمي چيف جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ ۾ تقريبن 24 کان 25 ڏينهن لڳي سگهن ٿا.

ذريعن موجب ڇو ته عارف علوي چئي چڪو آهي ته سمري تي بنا ڪنهن اعتراض جي وزيراعظم جي اختيار کي قبول ڪندي صحيح ڪندو پر ٻئي پاسي مٿس عمران خان جو دٻاءُ به آهي ته هاڻي امڪان آهن ته شايد عارف علوي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ آرمي چيف جي سمري تي صحيح قائم مقام صدر ۽ موجوده سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.