اوٻاوڙي ۾ پوليس اهلڪار ڏوهارين جي مبينا فائرنگ ۾ زخمي، اسپتال داخل

اوٻاوڙي ۾ پوليس اهلڪار ڏوهارين جي مبينا فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو، جنهن جو علاج هلندڙ آهي.

پوليس موجب اهلڪار عبدالرزاق ۽ ٻيا، ڏهرڪي مان موٽرسائيڪل ڦر جي اطلاع تي ريتي لنڪ روڊ سانوڻي شاخ وٽ پهتا.

پوليس شڪ جي بنياد ڏهرڪي کان اوٻاڙي ڏانهن ايندڙ ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عبدالرزاق گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب زخمي اهلڪار جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، جڏهن ته اوٻاوڙو پوليس ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ پٺيان ويل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.