ذهين ماڻهن جون نشانيون توهان ۾ آهن؟

ڇا توهان پائڻ جي لاءِ ڪپڙا چونڊن يا ڪنهن به ماڻهو کي ڪجهه چوڻ وقت ڪيٻائيندا آهيون؟

جيڪڏهن ها، ته فيصلو نه ڪري سگهڻ جي اها عادت توهان جي ذهين هجڻ جو اشارو ٿي سگهي ٿي.

اهڙي دعويٰ جرمين ۾ ٿيندڙ هڪ صحت جي تحقيق ۾ ڪئي وئي آهي.

ڊريسڊن يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ تيرنهن سئو ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.

نتيجن مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهن ڪنهن به شيءِ يا ڪم ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳائيندا آهن، اهي جلدي ۾ فيصلو ناهن ڪري سگهندا ان مان انهن جي ذهانت جو اشارو ملندو آهي.

اهڙي ريت اهي فوري طور تي ڪنهن نتيجي تي ناهن پهچندا پر تجزيو ڪري پنهنجو فيصلو ڪندا آهن.

تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اهڙا ماڻهو ساڙ ۽ حسد جو شڪار به ناهن ٿيندا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن ڳالهه يا شيءِ کي چونڊڻ جي ٻڏتر واري اهڙي صورتحال دوران اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه سوچڻ جي لاءِ وقت ضرور ملي ويندو آهي جنهن سان بهتر فيصلو ڪري سگهجي ٿو.

ماهرن اهڙي مقصدن لاءِ ماضي ۾ ڪيل پنج تحقيقي رپورٽن جو به جائزو ورتو ۽ ڏٺو ويو ته ماڻهو مختلف حالتن ۾ ڪهڙي نموني فيصلا ڪندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.