ميهڙ ۾ ڳوٺاڻي جو مبينا حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ميهڙ ۾ ڳوٺاڻي پاران مبينا حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ يار محمد جتوئي جي رهواسي پيربخش جتوئي پنهنجي نوجوان پٽ حسين بخش جتوئي سوڌو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻي ميڊيا آڏو الزام هنيو ته سندس ڀاءُ عيسيٰ پنهنجي پٽن ۽ ٻين ڏوهارين سان گڏجي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هٿياربندن سان حملو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هن چيو ته ميهڙ جي بي سيڪشن پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته عدالتي حڪم باوجود حملي جو ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي.

ڳوٺاڻي وڌيڪ چيو ته جوابدار ڌر زمين تي قبضي ۽ معاملي تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائين پيا، اعليٰ اختياريون زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.