دنيا مان ختم ٿي ويندڙ بيماري پاڪستان ۾ ڦهلجڻ لڳي

صحت جي وزارت اهو اعتراف ڪيو آهي ته ڊفٿيرا بيماري سڄي ملڪ ۾ ڦهلجي رهي آهي.

صحت جي وزارت موجب هن وقت تائين ان مرض جي ڪري اڻيتاليهه ٻار زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن. ان مرض ۾ مبتلا ٿي هن وقت تائين سڄي سنڌ ۾ ٽيويهه، ڪي پي ڪي ۾ چوڏهن ۽ پنجاب ۾ ٻه ٻارڙا مري چڪا آهن.

اها بيماري هڪ اهڙي آهي جيڪا خناق وائرس جي ڪري ٿيندي آهي. ان بيماري ۾ ٻارن جون رڳون سڄي وينديون آهن ۽ ساهه کڻڻ دوران آواز ايندو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته خناق کان بچڻ رڳو حفاظتي ٽڪن سان ئي ممڪن ناهي، صوبن ۾ ويڪسين جي ڪوريج گهٽ آهي ۽ ٻارن کي حفاظتي ٽڪا به نٿا لڳي سگهن. ان بيماري جي علاج لاءِ ڪا دوا به موجود ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.