پاڻ کي طالبان ظاهر ڪري ڀتو وصول ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پوليس ٻن طالبان ظاهر ڪندڙ ڀتاخور جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن شهري کي فون ۽ ميسيج ڪري 50 لک رپيا ڀتو گهريو هو.

تفصيل موجب راولپنڊي پوليس ٻڌايو ته جوابدارن شهري جي گهر تي فائرنگ ڪئي ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون جڏهن ته فون ڪال ۽ ميسيج تي 50 لک رپيا گهريا.

اختيارين موجب جوابدارن وٽان موٽرسائيڪل، موبائيل فونز ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

پوليس جي انگن اکرن موجب اسٽريٽ ڪرائيم جي شرح ۾ گهني واڌ ٿي آهي ۽ روزانو 100 کان وڌيڪ ڦر ۽ چوري جون وارداتون رپورٽ ٿين ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.