مشهور ٽي وي ميزبان ٽوني نويد لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي وي انڊسٽري جو مشهور ميزبان، راڳي ۽ اداڪار ٽوني نويد راشد دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

ٽوني جو لاڏاڻو اڄ ٿيو، جنهن جي خبر ٻڌيندي ئي دوستن، عزيزن، خاندان ۽ سموري انڊسٽري ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.

ٽوني ڪيترن سالن کان پاڪستان شوبز انڊسٽري جو حصو هيو، هو لالي ووڊ جي انسائيڪلوپيڊيا طور تي سڃاتو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس پاڪستاني سينيما بابت تقريبن هر شيءِ جي خبر هئي.

هو مشهور ٽي وي ميزبان ناديا خان ۽ اداڪار مشي خان جو ويجهو دوست به هيو.

ٽوني جي لاڏاڻي تي پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ شخصيون ڏک جو اظهار ڪري رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.