ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم کي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، عدالت وڏو فيصلو ڏئي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) مينار پاڪستان تي عورت ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم کي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي، عدالت سڀني جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

سيشن ڪورٽ لاهور ۾ ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم کي بي لباس ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج عشرت عباس ڪئي.

عدالت جوابدار ارسلان عرف ريمبو، عابد احمد، عمران سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت پراسيڪيوٽر کي شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار حسنين کي پيش نه ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي فريادڻ عائشا اڪرم کي به طلب ڪري ورتو.

واضحر يهت گذريل سال 14 آگسٽ تي ٽڪ ٽاڪر کي بي لباس ڪرڻ جي واقعي کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عائشا اڪرم جي درخواست تي لاري اڏا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.