مردن لاءِ ڳڻتي جوڳي خبر ۽ انسانيت جي بقا کي خطرا

سڄي دنيا جي مردن جي اسپرم ڪائونٽ ۾ سالياني 2.6 سيڪڙو گهٽتائي اچي رهي آهي.

اهڙو انڪشاف هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آيو آهي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڻويهه سئو ستٽيهه کان ٻه هزار تائين اسپرم ڪائونٽ ۾ سالياني 1.2 سيڪڙو جي کوٽ آئي پر ٻه هزار کان ٻه هزار ارڙهن تائين اها شرح 2.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

ماهرن موجب اهو انسانيت جي لاءِ هڪ تمام وڏو بحران آهي ۽ اسان جيڪڏهن فوري طور تي قدم نه کنيا ته اهو مسئلو اتي پهچندو جتان انکي واپس نٿو ڪري سگهجي.

تحقيق دوران ٽيونجاهه ملڪن جي ستونجاهه کان مٿي مردن تي ٿيندڙ ٻه سئو ٽيويهه تحقيقي رپورٽن جو گهرائي سان جائزو ورتو ويو.

نتيجن مان پهريون ڀيرو اها خبر پئي آهي ته لاطيني آمريڪا، ايشيا ۽ آفيقا ۾ اسپرم ڪائونٽ ۽ جنسي صلاحيتن واري سطح ۾ کوٽ يورپ، اتر آمريڪا ۽ آسٽريليا سان ملندڙ جلندڙ آهي.

ماهرن موجب ان جو مطلب اهو آهي ته اسپرم ڪائونٽ جي سطح ۾ کوٽ ان حد تائين پهچي چڪي آهي جنهن جي ڪري جوڙن کي اولاد حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

جرنل هيومن ري پروڊڪش اپ ڊيٽ ۾ ڇپيل ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو هڪ عالمي مسئلو بڻجي ويو آهي جنهن کي موسمياتي تبديلين سان جوڙي سگهجي ٿو.

ماهرن موجب اهو بحران هڪ وبا جيان آهي جيڪو هر هنڌ موجود آهي ۽ ان جا سبب ڊگهي عرصي تائين اسان سان گڏ رهڻ وارا آهن.

اهڙي تحقيق ۾ اسپرم ڪائونٽ ۾ گهٽتائي جي سببن تي ته روشني نه وڌي وئي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته امڪاني طور تي ماحولياتي تبديليون ۽ رهڻي ڪهڻي ان جا سبب آهن.

هنن چيو ته مختلف ڪيميلز هارمونل ۽ افزائش واري اهڙي جنسي نظامن کي متاثر ڪيو آهي.

ماهرن وڌيڪ چيو ته آيل نتيجا پريشان ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳا آهن جن مان اشارو ملي ٿو ته انسانيت جي بقا کي خطرو آهي ڇو ته ايندڙ وقت ۾ جوڙن کي اولاد حاصل ڪرڻ ۾ وڏي ڏکيائي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.