آرمي چيف بابت ڄاڻ ناهي، مشاورت لاءِ اڄ دعوت ملي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته وزيراعظم آفيس پاران مشاورت لاءِ گهرايو ويو آهي، جڏهن ته اهو ناهي ٻڌايو ويو ته مشاورت ڇا تي ٿيندي؟ جيڪو به مامرو هوندو ملي ڪري فيصلو ٿيندو.

رپورٽ موجب ٽڪا ثاني خصوصي ڳالهه ٻولهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراعظم آفيس سان اتحادين جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. مشاورت لاءِ گهرايو ويو آهي، جڏهن ته مشاورت ڪنهن ڳالهه تي ٿيندي، جيڪو به مامرو هوندو ملي ڪري فيصلو ٿيندو.

آرمي چيف جي تقرري بابت خالق مقبول صديقي چيو ته پاڪ فوج اهم قومي سلامتي جو ادارو آهي، آرمي چيف جي تقرري تي راءِ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، مهذب معاڙن ۾ قومي سلامتي ادارن ۾ تقررين تي بحت ناهي ٿيندو، ان لاءِ مان ان بحث ۾ ناهيان پيو نه وري پوڻ چاهيندس.

هن چيو ته جن حالتن سبب معاشي صورتحال خراب هئي هاڻي انهن حالتن مان ايئن نٿو نڪري سگهجي، معيشت جي بهتري لاءِ، ديسي نسخن، پيناڊول، يا روايتي علاج نه هلندو. معيشت جي بهتري لاءِ ريڊيڪل سرجري ڪرڻي پوندي.

مڪاني چونڊن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهيون، جڏهن ته بي ايماني واريون مڪاني چونڊون نه ٿين ڏينداسين ۽ نه وري چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.