برطانوي حڪومت ريل ملازمن جا مسئلا حل نه ڪيا، وڌيڪ هڙتالن جو اعلان

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ ريل يونين وڌيڪ هڙتالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

برطانيا ۾ ريلي يونين آر ايم ٽي طرفان اٺيتالهه ڪلاڪن ۾ هيءَ چوٿين هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي. هڙتال تيرنهن، چوڏهن، سورنهن، سترنهن، ڊسمبر ۽ جنوري جي ٽي، چار، ڇهه ۽ ست تاريخ تي ڪيا ويندا جنهن ۾ چاليهه هزار کان مٿي ورڪر حصو وٺندا.

ريل يونين طرفان هڙتال ملازمن هڙتال ملازمن جي تحفظ ۽ پگهارن، ڪم ڪرڻ جون حالتون بهتر بڻائڻ سميت ٻين مطالبن جي منظوري لاءِ ڪيا پيا وڃن.

ان موقعي تي آر ايم ٽي جي جنرل سيڪريٽري مڪ لنچ چيو ته هڙتال واضح پيغام ڏينديون ته اسان ملازمن جي تحفظ، پگهارن ۽ ڪم جي حالتن بابت سٺي ڳالهه ٻولهه چاهيون.

آر ايم ٽي موجب هڙتال واري ڏينهن ريل جو ڦيٿو بند رهندو ۽ ارڙهن ڊسمبر کان ٻه جنوري تائين اوور ٽائيم به نه ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.