چين جي فيڪٽري ۾ باهه واقعو، اٺٽيهه ڄڻا سڙي فوت

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي هڪ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اٺٽيهه ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا آهن.

آمريڪي خابرو اداري موجب چين جي صوبي هينان جي شهر آنيانگ ۾ فيڪٽري ۾ باهه جو واقعو ايڪويهه نومبر تي پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين اٺٽيهه ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته باهه لڳڻ دوران گم ٿيل ٻن ماڻهن جا لاش به ملي ويا آهن.

رپورٽنموجب ٻن منزلن واري فيڪٽري ۾ باهه تي ست ڪلاڪن کانپوءِ ضابطو آندو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.