ڪي ايل راهول ۽ اٿيا شيٽي جو کنڊالا ۾ شادي ڪرڻ جو پروگرام

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڪجهه ڏينهن اڳ بالي ووڊ اداڪار سنيل شيٽي ڌيءَ اٿيا شيٽي جي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر ڪي ايل راهول راهول سان شادي جي تصديق ڪئي هئي.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر ڪي ايل راهول ۽ بالي ووڊ اداڪارا اٿيا شيٽي گذريل سال کان هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن ۽ هر آئي ڏينهن سندن شادي بابت خبرون اينديون رهنديون آهن.

پر هاڻي ڀارتي ميڊيا ڪي ايل راهول ۽ اٿيا شٽي جي شاديءَ جي تاريخن جي حوالي سان دعويٰ ڪري رهي آهي.

رپورٽن موجب جوڙو ايندڙ سال جنوري ۾ کنڊالا ۾ قائم سنيل شيٽي جي بنگلي تي شادي جي ٻنڌڻ جي ٻڌجي ويندا.

اطلاعن موجب ٻنهي ادارن جي ڪٽنبن طرفان شادي جون تياريون جاري آهن، شادي جي تقريب ۾ دوستن، مٽن مائيٽن ۽ بالي ووڊ انڊسٽري سميت زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ  مختلف شخصيتون شرڪت ڪنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.