روس سان توانائي جي شعبي ۾ ايندڙ مهيني وڏي بريڪ ٿرو جو امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٿيڻ واري رٿابندين ۾ ايندڙ مهيني بريڪ ٿرو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب روس مان پيٽروليم مصنوعات، خام تيل، گيس ۽ پائپ لائين منصوبن جي راهه جڙي آهي ڇاڪاڻ ته ملڪي ريفائنرز روسي تيل مان پيٽروليم مصنوعات تيار ڪرڻ تي حامي ڀري آهي.

ان بابت مملڪي وزير پيٽروليم مصدق ملڪ اسٽريٽجڪ اجلاس لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون. پيٽروليم ڪمپنين کي اجلاس ۾ ڪاغذي ڪارروائي ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

مملڪت جي وزير جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ روس سان توانائي جي معاهدي جا مقصد، هدف، مسئلا ۽ مالي فائدا طئي ڪيا ويا.

ذريعن موجب روس سان بهتر معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي سالانو 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ بچت ٿي سگهندي جڏهن ته روس کان پيٽروليم شيون خريدڻ سان ناڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ به گهٽ ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.