يوڪرين ۾ روس جا حملا، تيرنهن ماڻهو مارجي ويا

يوڪريني اختيارين چيو آهي ته يوڪرين جي گادي واري هنڌ ڪيف ۾ روس طرفان هوائي حملا ڪيا ويا آهن جن جي نتيجي ۾ تيرنهن ماڻهو مارجي ويا آهن.

ڪيف جي فوجي انتظاميا چيو آهي ته روسي حملن ۾ شهر جي اهم جاين ۽ ٻه منزلي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو.

روسي حملن کانپوءِ سڄي شهر ۾ بجلي معطل ٿي وئي ۽ پاڻي جي فراهمي بيهجي وئي.

خابرو اداري موجب يوڪرين جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا جنهن کانپوءِ سڄي يوڪرين ۾ هوائي حملن جو الرٽ جاري ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.