26 نومبر تي پوليس پاران فيض آباد بند، وڌيڪ نفري گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد جي پوليس 26 نومبر تي فيض آباد مڪمل بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

تحريڪ انصاف جي آزادي مارچ جي معاملي تي آءِ جي اسلام آباد جي صدارت هيٺ پوليس آفيسرن جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٽريفڪ لاءِ متبادل پلان، شهر اندر ٽريف هلندڙ هوندي، فيض آباد بس اڏو ۽ مارڪيٽ به جلسي دوران بند هوندو ۽ آءِ جي پي روڊ کي ٽريفڪ لاءِ استعمال ڪيو ويندو.

فيض آباد تي پوليس، ايف سي ۽ رينجرز جي نفري مقرر ڪرڻ جو فيصلو جڏهن ته ايف سي جا وڌيڪ 1500 اهلڪار گهرائڻ جو فيصلو ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.