سشانت سنگهه جِي مينيجر جو پراسرار موت، حتمي رپورٽ اچي وئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن سي بي آءِ جي جاچ موجب سورڳ واسي سشانت سنگهه راجپوت جي مينيجر جو موت هڪ حادثو هو.

اٺاويهه سالن جي ديشا سيلين ٻه هزار ويهه ۾ اٺ ۽ نوَ جون جي وچ واري رات تي ممبئي ۾ واقع فليٽ مان چوڏهين منزل تان ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي هئي.

پنج ڏينهن کانپوءِ سشانت سنگهه راجپوت جو پراسرار موت ٿيو هو جنهن تي بي جي پي اڳواڻ نتيش راني ٻنهي جي موت ۾ ڪنهن ڳالهه جي هڪجهڙائي جو شڪ ظاهر ڪيو هو.

سي بي آءِ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ديشا شراب جي نشي ۾ پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهي ۽ فليٽ جي گيلري مان ڪري پئي.

سي بي آءِ جو چوڻ آهي ته سشانت ۽ ديشا جي موت ۾ ڪنهن به تعلق جو ڪو ثبوت ناهي مليو.

ٻئي پاسي سي بي آءِ سشانت جي موت جي جاچ ڪري رهي آهي ته جنهن کي آپگهات قرار ڏنو ويو آهي پر ايجنسي هن وقت تائين پنهنجي حتمي رپورٽ جمع ناهي ڪرائي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.