انجلينا جولي پاران پنهنجي قتل لاءِ شوٽر رکڻ جو انڪشاف

ناليواري اداڪارا انجلينا جولي بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هن هڪ ڀيري خودڪشي جي پڇتاءَ کان بچڻ لاءِ پنهنجي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪرائي جو قاتل رکيو هو.

انجلينا جولي جي هڪ ٽيم ميمبر تازو ئي هڪ اخبار کي ڏنل انٽرويو دوران ٻڌايو ته انجلينا جولي پاڻ کي مارڻ جي لاءِ هڪ ڪرائي جو قاتل کي گهرايو هو.

انجلينا جولي جي عملي موجب پنهنجي قتل جي منصوبا بندي جي لاءِ اداڪارا شوٽر کي رقم به ڏئي ڇڏي هئي.

اداڪارا جي عملي موجب انجلينا جولي طرفان گهرايل قاتل وڏو مهذب ماڻهو هو، هن انجلينا کان ان منصوبابندي بابت سوچڻ جي لاءِ ٻن مهينن جو وقت گهريو ۽ ٻيهر فون ڪرڻ جو چيو جڏهن ته انجلينا ان دوران به پاڻ کي قتل ڪرڻ جو ارادو نه مٽايو هو.

اداڪارا جي عملي موجب انجلينا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هوءَ آپگهات ڪري ٿي ته ويجها ماڻهو يا پاڙيسري اهڙي عمل ۾ پاڻ کي ڏوهي سمجهندا ته شايد اهي اهڙي عمل کان مونکي روڪي سگهن ٿا.

انجلينا جولي جو چوڻ هو ته آپگهات ڪرڻ بدران قتل ٿيان ٿي، ڇو ته ان جي قتل کي ڪير به قبول نه ڪندو يا وري ڪير به پاڻ کي ان واقعي تي ڏوهي نه سمجهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.