سامونڊي رستي اسمگل ڪيل ڪروڙين رپين جا فونز هٿ

گوادر(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ڪسٽم اهلڪارن بروقت ڪارروائي ڪندي 21 ڪروڙ رپين جي ناڻي جا موبائل فونز قبضي ۾ ڪري ڇڏيا.

ڪسٽم اختيارين موب ڪارروائي گوادر جي ڪناري تي ڪئي وئي، جوابدارن 21 ڪروڙ رپين جا 5 هزار قيمتي موبائيل فونز کي مقامي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ آيا هئا.

ڪسٽم اختيارين موجب هٿ آيل فونز دبئي مان لانچ ذريعي پاڪستان اسمگل ڪيا ويا، اسمگل ٿيل فونز کي گاڏي ۾ لوڊ ڪيو پيو وڃي ته ڇاپي دوران ضبط ڪيا ويا.

ڪارروائي دوران ڊرائيور کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.