عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ باوجود پاڪستان ۾ سون مهانگو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ باوجود پاڪستان ۾ سون جو اگهه وڌيو آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 150 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 59 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 128 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 36 هزار 488 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 9 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1739 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.