سنڌ سرڪار گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 5-5 لک معاوضو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  عدالتي حڪم بعد سنڌ سرڪار گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا معاوضو ادا ڪري ڇڏيو آھي.

 گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار طرفان رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ذيشان ايڌي ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏنو پيو وڃي.

وڏي وزير جي منظوري بعد 10 ڄڻن جي وارثن کي معاوضو ڏنو آهي، عدالت طرفان پوليس کي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري ڪرڻ جو حڪم، ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.