حيدرآباد ۾ عورت جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ

حيدرآباد  ( ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ پرڻيل عورت جو گهرمان گولي لڳل لاش هٿ آيو آھي.

سحرش نگر مان 36 ورهين جي پرڻيل عورت زرينه جو لاش هٿ آيو، نسيم نگر پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

عورت جي مڙس اقبال ڀنڊ پوليس کي ٻڌايو ته اڻڄاتل ماڻهو گهر ۾ داخل ٿي زال کي قتل ڪري ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي مٿي جي پوئين پاسي کان گولي لڳل آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.