سلمان خان جي ڀاڻيجي فلمي ڪيريئر جي شروعات لاءِ تيار، اليزي جي پهرين فلم

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي ڀاڻيجي اليزي ايوارڊ يافتا ناليواري ڀارتي هدايتڪار جي فلم ذريعي پنهنجو فلمي ڪيريئر شروع ڪري رهي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان جي ڀيڻ الويرا خان ۽ پروڊيوسر اتل اگني هوتري جي ڌيءَ اليزي اگني هوتري هدايتڪار سومندراپڌي جي فلم ذريعي ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪري رهي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب اليزي اگني هوتري پنهنجي ڊيبيو فلم جي شوٽنگ به شروع ڪري ڇڏي آهي. اليزي جي فلم ايندڙ سال نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.