ورهين کانپوءِ ڪرشما ۽ اڀيشڪ جي مڱڻي ٽٽڻ جو راز ظاهر

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ ۾ ڪيترائي رشتا ٽٽندا ۽ ٺهندا آهن جن مان ڪيترن جا ئي سبب ته سامهون ايندا آهن پر ڪيترن ئي رشتا جا راز سالن تائين راز ئي رهندا آهن.

اهڙو ئي ڪجهه ماضي جي مشهور جوڙي اڀيشڪ بچن ۽ ڪرشما ڪپور سان به ٿيو جن بابت ٻه هزار واري ڏهاڪي ۾ اهي خبرون سرگرم ٿيون هيون ته جوڙو جلد شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ وارو آهي.

تنهن باوجود به ان حوالي سان ڪا به حتمي خبر سامهون نه آئي، نه ڪرشما ۽ اڀيشڪ اهڙي ڪنهن ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي.

هاڻي لڳ ڀڳ ٻاويهه سالن کانپوءِ ان راز جي حقيقت ظاهر ٿي آهي جنهن ۾ ناليواري فلم ساز سنيل درشن ٻنهي جي مڱڻي جي تصديق ڪندي ڌار ٿيڻ جو سبب به ٻڌايو آهي.

سنيل درشن ٻه هزار ٻه ۾ فلم هان ميني ڀي پيار ڪيا، پروڊيوس ڪئي هئي جنهن ۾ ڪرشما ڪپور، اڀيشڪ بچن ۽ اڪشي ڪمار مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب تازو انٽرويو ۾ سنيل درشن ٻڌايو ته ڪرشما ۽ اڀيشڪ ٻه سالن تائين هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ ملندا جلندا هئا. انهن جي مڱڻي واريون خبرون بلڪل سچ هيون ڇو ته انهن جي مڱڻي تي هن پاڻ شرڪت ڪئي هئي.

هن چيو ته هان ميني ڀي پيار ڪيا جي شوٽنگ دوران مان به سيٽ تي هوندا هئس، مونکي ٻنهي کي ڏسي لڳندو هو ته هي پاڻ سان ڇا ٿا ڪن، ڇو ته ٻئي ڄڻا سيٽ تي به ننڍي ننڍي ڳالهين تي وڙهڻ شروع ڪري ڇڏيندا هئا جنهن کانپوءِ انهن جا جهيڙا گهڻو وڌي ويندا هئا.

فلمساز ٻڌايو ته مڱڻي کانپوءِ انهن جي شادي ويجهي هوندي هئي پر سپرهٽ فلم هان ميني ڀي پيار ڪيا جي رليز ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ۾ علحدگي ٿي وئي.

واضح رهي ته اڀيشڪ بچن جي ايشوريا راءِ سان سال ٻه هزار ست ۾ شادي ٿي ۽ ٻنهي کي هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي جڏهن ته ڪرشما ڪپور جي شادي ٻه هزار ٽي ۾ هڪ بزنس مين سنجي ڪپور سان ٿي هئي جيڪا ٻه هزار سورنهن ۾ ٽٽي وئي هئي. ڪرشما کي هڪ ڌيءُ ۽ هڪ پُٽ جو اولاد آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.