ڀارت ۾ بي رحماڻي قتل جي هڪ ٻي واردات، مڙس زال کي ماري لاش جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ بي رحماڻي قتل جو هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، مڙس بي وفائي جي شڪ ۾ زال کي قتل ڪري لاش جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا.

ڀارتي ميڊيا موجب اها واردات اتر پرديش رياست جي شهر سيتاپور جي ڳوٺ گلهريا ۾ ٿي، پوليس کي جيوتي نالي عورت جو ٽڪرا ٿيل لاش ٻنيءَ مان هٿ آيو، جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته کيس مڙس پنڪج موريا هڪ دوست سان گڏجي قتل ڪيو.

پوليس موجب 46 ورهين جي پنڪج ۽ 38 ورهين جي جيوتي جي شادي 10 سال اڳ ٿي هئي، 3 مهينن کان مڙس ان شڪ ۾ مبتلا هو ته زال جا ٻئي ڪنهن سان به لاڳاپا آهن، جنهن تي هن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.

پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ جاچ دوران انهن اهڙي بي رحماڻي قتل جو اعتراف به ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.