پوليس جي سياسي مداخلت تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پوليس ۾ سياسي مداخلت تي پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ ۾ پوليس کاتي ۾ سياسي مداخلت سبب بدلين جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار وڪيل دليل ڏنا ته پوليس آفيسرن جي بدلي سياسي مداخلت ۽ اثر سبب ٿيندا آهن، تازو هڪ عورت ڊي پي او ليه جي بدلي به سياسي مداخلت سان ٿي، اها بدلي مقامي سياستدان جي چرچ تي وڏي وزيرهائوس مان ٿي.

پوليس مزاحمت ڪئي پر آخر عورت ڊي پي او ليا چارج ڇڏي ڏنو، پنجاب ۾ آءِ جي پوليس جي سراسري مدت 6 مهينا آهي جيڪا قانون موجب ٽي سال هجڻ گهرجي، چئن سالن ۾ پنجاب پوليس آفيسرن کي ڪارڻ ٻڌائڻ کانسواءِ بدلي ڪيو پيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته پوليس آفيسرن جو بنا سبب بدلي ڪمانڊ ۽ فوجداري نظام انصاف جي ڪرڪردگي تي اثر ٿيندو، انهن حالتن ۾ سياسي اثر وڌائڻ لاءِ وڏا عهدا حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌندو ٿو وڃي.

هن چيو ته ڊيٽا موجب پنجاب ۾ ڊي پي او جي سراسري مدت پنج مهينا آهي، چئن سالن ۾ پنجاب ۾ 268 ڊي پي اوز مٽيا آهن.

ڇيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڳوڻو آءِ جي وڏو پڙهيو لکو ۽ شائستا آفيسر هو، سنڌ هائوس تي حملي جي معاملي تي سٺي انداز ۾ ڊيل ڪيو، هو به تبديل ٿي ويو.

سپريم ڪورٽ سياسي مداخلت تي پنجاب پوليس کان جواب طلب ڪري ورتو.

عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.