نشي جي عادي شخص فرار ٿيڻ کان روڪڻ تي سڄي ڪُٽنب کي ماري ڇڏيو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) نشي جي عادي شخص صحت جي بحالي مرڪز مان موٽڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي سڄي فيملي کي ماري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو افسوسناڪ واقعو نئين دهلي جي علائقي پالم جي هڪ گهر ۾ پيش آيو، جتي 25 ورهين جي ڪيشوو تکي اوزار جي مدد سان پنهنجي ڏاڏي، پيءُ، ماءُ ۽ 18 ورهين جي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب سمورا لاش گهر جي مختلف هنڌن تان هٿ آيا ۽ جوابدار سڀني کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو، جوابدار جي والدين جا لاش باٿ روم مان هٿ آيا، جڏهن ته ڏاڏي ۽ ڀيڻ جا لاش ڪمري ۾ هئا.

پوليس ٻڌايو ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هو نشي جو عادي آهي ۽ واردات وقت به نشي جي حالت ۾ هو.

پوليس موجب ڪيشوو گهر مان فرار ٿيڻ جو منصوبو ٺاهي رهيو هو ته گهر وارن کيس پڪڙي ورتو ۽ کيس واڙي ڇڏيو، جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ ئي صحت بحالي مرڪز مان موٽيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.