برطانوي مهاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي گولڊ فش پڪڙي ورتي

 

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس ۾ مڇي پڪڙڻ دوران برطانوي مهاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي گولڊ فش پڪڙي ورتي، جنهن جو وزن 30 ڪلو گرام آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي صوبي شيمپين جي بليو واٽر ڍنڍ ۾ ورلڊ پريميئر ڪريپ فشريز دوران 42 ورهين جي مهاڻي گير اينڊي هيڪيٽ گولڊ فش پڪتي، جنهن جي وڊيو ”بليو واٽر ليڪز“ سوشل ميڊيا تي شيئر به ڪئي.

ميڊيا رپورٽن موجب اها مڇي ليدر ڪارپ ۽ ڪوئي ڪارپ جو هڪ هائبرڊ نسل آهي، جنهن جو رنگ نارنگي هوندو آهي.

مقابلو کٽڻ کانپوءِ برطانوي مهاڻي چيو ته مون کي خبر هئي اها مڇي اتي ئي موجود آهي پر ڪڏهن سوچيو نه هو ته ان کي پڪڙيندس، ان مڇي کي پڪڙڻ شاندار رهيو ۽ اها خوش قسمتي به آهي.

رپورٽن موجب مڇي کي ڳولڻ ۽ پڪڙڻ ۾ مهاڻي کي 25 منٽ لڳا.

ان گولڊ فش کي دنيا جي سڀ کان وڏي مڇين ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، ان کان اڳ 2019 ۾ آمريڪا جي مهاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي مڇي پڪتي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.