آرمي چيف مقرري مامرو، وزيراعظم اڄ اتحادين جو اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم شهباز شريف اڄ شام 6 وڳي اتحادي پارٽيز جي پارلياماني اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو.

وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي صلاح مشورو ڪيو ويندو.

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري بابت بچاءَ واري وزارت طرفان اُماڻيل سمري وزيراعظم هائوس کي ملي وئي آهي.

مريم اورنگزيب موجب سمري ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف جي عهدن لاءِ نالن جو پئنل اماڻيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته وزيراعظم طئي ٿيل طريقيڪار موجب مقررين تي فيصلو ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.