وزيراعظم  سان ڊي جي آءِ ايس آءِ جي اهم ملاقات

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم  شهباز شريف سان آءِ ايس آءِ جي ڊي  جي جنرل نديم انجم وزيراعظم هائوس پهچي اهم ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي بچاءَ  کاتي جو وزير خواجا آصف ۽ ملڪ  احمد خان به موجود رهيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ 27 نومبر تي جنرل عاصم  منير جي رٽائر مينٽ کانپوءِ سينيارٽي لسٽ موڪلڻ پئي چاهي جڏهن ته حڪومت  جو موقف آهي ته 27  نومبر کان اڳ ئي فهرست موڪلي وڃي جنهن جو مقصد شايد  اهو آهي ته اتحادي حڪومت جنرل عاصم منير  کي ئي آرمي چيف مقرر ڪرڻ  جو ذهن تيار ڪيو آهي جنهن تي سمورا اتحادي به راضي آهن.

اهو  ئي سبب آهي ته ان  اهم ملاقات کانپوءِ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به وزيراعظم هائوس پهچي ويو ۽ معاملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. جنهن کانپوءِ  خواجا آصف به اعلان ڪيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾  آرمي چيف جي مقرريءَ  جو اعلان ٿي ويندو.

نوٽ:معظم فخرجوهي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 22-11-23 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.