ڇا پي ٽي آءِ کي نظر انداز ڪرڻ ممڪن ناهي؟

غلام حسين جوڻو

پاڪستان تحريڪ انصاف” جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه ۾ به لڳائي سگهجي ٿو ته ، هاڻ ويجهر ۾ ملڪ اندر ضمني چونڊون ٿي گذريون. جنهن ۾ هن پارٽي واضح اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته اتحادي پارٽين جهڙوڪ پاڪستان پيپلس پارٽي (زرداري گروپ) ، مسلم ليگ (ن) ۽ جمعيت العلماءِ اسلام (ف) ۽ ٻين ننڍين پارٽين گڏيل بيان ڪيل چونڊن ۾ حصو ورتو. پر، اهي ايتريون سيٽون حاصل ڪري ڪونه سگهيون. جيتري کين توقع هئي. ڄاڻايل  چونڊن جي نتيجي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ، پاڪستان تحريڪ انصاف کي عوام طرفان سٺي موٽ ملي رهي آهي. جنهن ڪري چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي اٿس. اهي چونڊ نتيجا به حڪومت جي پريشانيءَ جو سبب بنيا آهن. انهن نتيجن ظاهر ٿيڻ کان پوءِ حڪومت پنهنجي اتحادين جو اجلاس گهرائي ۽ گڏجاڻيون ڪري، باهمي صلاح و مشورا به ڪيا آهن ۽ اهو طئه ڪيو اٿن ته ، عوام جي فلاح و بهبودي لاءِ رليف پيڪيجز ڏنا وڃن. جن سان عام ماڻهو کي وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي  ۽ انهن جي زندگي ۾ سڌارو اچي سگهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽي جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ، ملڪ جي عوام جو خاصو تعداد ، ان پارٽي ۾ شموليت ڪري رهيو آهي. اهو سلسلو به تيزي سان وڌندو پيو وڃي. سياسي شعور رکندڙ شخصيتون هن طرف رخ ڪري رهيون آهن. اها صورتحال سڄي ملڪ ۾ ڏسڻ ۾ اچي پئي. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ به ڪافي ڀوتار ڄاڻايل  پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه ، ان متعلق سوچي رهيا آهن. اهڙيون قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن. امڪان ڏيکاريا پيا وڃن ته عام چونڊن کان اڳ ۾ اهي به پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويندا. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي زميندارن ۽ ڀوتارن جا نالا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي عمران خان سان ملاقات ڪري سندس پارٽي ۾ وڃڻ جو اعلان ڪرڻ گهرن ٿا. ٻئي طرف عمران خان به چئي چڪو آهي ته ، آئون تمام جلد سنڌ ۾ به اچڻ وارو آهيان ۽ سنڌ جي ماڻهن جي قسمت بدلائڻ لاءِ ڪوششون ڪندس. هاڻ ڏسجي ته صاحب موصوف ڪڏهن ٿو سنڌ ۾ قدم رکي يا، اهو هڪ سياسي بيان ڏنو اٿس ۽ اڳتي هلي يوٽرن ٿو وٺي. في الحال عمران خان جي پاليسي ۽ منصوبا بندي جو انتظار آهي. ڏسجي ته هو ، ڪهڙو ٿو پروگرام ڏيئي.

هاڻ ، تازو هڪ خبر سامهون آئي آهي. جنهن موجب ، هڪ پراڻي تجزيه نگار حامد مير واضح ڪيو آهي ته ، آمريڪي اعليٰ آفيسر چون ٿا ته ، پي ٽي آءِ ، پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي. ان جا اڳواڻ ، اسان بابت جيڪي به چون ٿا. ان کي نظر انداز نه ٿا ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو آهي ته ، “آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي سفارتخانو تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت سان ويجهي رابطن ۾ آهي. ان مان اهو تاثر ملي ٿو ته ، عمران خان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن.

عمران خان ، تازو برطانوي اخبار کي انٽرويو ڏنو آهي. اهو انٽرويو ان تاثر کي مضبوط ڪري ٿو!. آئون هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته ، حامد مير ملڪ جي سياست ۽ مسئلن تي هر وقت گهري نظر رکيو اچي ٿو ۽ تجزيا ڪندو رهي ٿو. سندس رايا ۽ خيال به هڪ حقيقت آهن. جنهن ڪري سندس ڄاڻايل  تجزئي کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي. باقي اهو تجزيو ڪيتري حد تائين سچ آهي. تنهن کي اڳتي هلي وقت ثابت ڪندو.

ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جون مخالف ڌريون اهو چئي رهيون آهن ته ، عمران خان سان ماڻهو گڏ ڪونه آهن. عوام ، سندس ساٿ ڪونه ٿو ڏيئي. عوام ۾ مقبوليت ڪونه اٿس. جنهن ڪري ان کي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي چئي نه ٿو سگهجي. جڏهن ته مٿيون حقيقتون مخالفن جي ان دعويٰ کي رد ٿيون ڪن. اهڙي صورتحال ۾ تجزيه نگار توڙي ملڪي عوام مونجهاري جو شڪار آهن ۽ غير يقيني ماحول پيدا ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري ان ڏس ۾ ڪا حتمي راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.