سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ناڪام ٿي وئي:صنعان قريشي

رتوديرو (ن ع آ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ پهرين ڊسمبر تي دادو ۾تاريخي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، ٻوڏ متاثرن جي نالي سان مليل فنڊ ۽ امداد به ٻوڏ متاثرن کي نه ڏئي سگهي آهي.اهڙو اظهار هن رتو ديرو ۾جسقم جي انتهائي اهم اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.شهيد بشير قريشي جي مزار تي ٿيل اجلاس ۾ جسقم جو مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر، فنانس سيڪريٽري مومن سمون، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ۽ ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطهر سومرو شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ برسات ۽ ٻوڏ دوران تباهي ۽ بربادي جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي صنعان قريشي چيو ته پهرين ڊسمبر تي دادو ۾  ٻوڏ متاثرن جي مالڪي ۽ واهر لاءِ تاريخي ريلي ڪڍي ويندي.هن چيو ته 4 ڊسمبر جي تقافتي ڏهاڙي کي ٻوڏ متاثرن جي مالڪي جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ثقافتي ڏهاڙي تي جسقم ڪارڪن ٻوڏ متاثرن جي مالڪي جا بينر کڻي سڄي سنڌ ۾ ريليون ڪڍندا.هن چيو ته اجلاس ۾ 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو جلسو سن ۾ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته 14 فيبروري تي محبت واري ڏهاڙي تي رتوديرو ۾ شهيد بشير قريشي سان محبت جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ڏينهن تي سڄي سنڌ مان شهيد جا عاشق شهيد جي مزار تي  گل ۽ ٻوٽا لڳائڻ لاءِ کڻي اچي شهيد سان محبت جو اظهار ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.