سپريم ڪورٽ ارشد شريف جي قتل جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي:پي ايف يو جي

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس سپريم ڪورٽ جي  چيف جسٽس کي خط لکي ارشد شريف جي قتل معاملي تي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.خط ۾ پي ايف يو جي چيف جسٽس کان ارشد شريف قتل ڪيس تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهڻ جي درخواست ڪئي.پي ايف يو جي صدر  افضل بٽ چيو ته ارشد شريف جي قتل سان صحافي برادري  وڏي صدمي ۾ آهي، قوم هن قتل  تي اٿيل سوالن جا جواب چاهي ٿي.صدر پي ايف يو پنهنجي خط ۾ چيو ته وڌيڪ  ڪيترن صحافي ساٿين کي وڃائڻو پوندو؟.هن ان معاملي تي صاف ۽ شفاف جاچ جي استدعا ڪئي.هن چيو ته شهيد جي فيملي ۽ صحافي برادري کي سپريم ڪورٽ تي اعتماد آهي، انصاف جي فراهمي لاءِ صحافي برادري جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، هيل تائين ارشد شريف جي قتل تي ڪيترائي خدشا سامهون آيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.