فيفا ورلڊ ڪپ ۾ وڏو اَپ سيٽ، ميسي کي مات، سعودي عرب جي فتح

لوسيل (اسپورٽس نيوز ) قطر ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ سعودي عرب سخت مقابلي کانپوءِ ارجنٽائن کي 1-2 تان شڪست ڏئي وڏو اَپ سيٽ ڪري ڇڏيو. فيفا جي عالمي رينڪنگ ۾ 51 هين نمبر تي موجود سعودي عرب عالمي نمبر 3 ارجنٽائن کي عالمي ڪپ ۾ 2 جي مقابلي ۾ هڪ گول تان شڪست ڏني. قطر جي شهر لوسيل ۾ کيڏيل ميچ ۾ ارجنٽائن طرفان سپر اسٽار فٽبالر ميسي ڏهين منٽ ۾ پنالٽي تي گول ڪيو. سعودي عرب طرفان 48 هين منٽ ۾ صالح شهيري گول برابر ڪيو ۽ سعودي جي سليم الدوسري 53 هين منٽ ۾ ٻيو گول ڪري ٽيم کي سرسري ڏياري جيڪا ميچ جي خاتمي تائين برقرار رهي. ارجنٽائن ٽيم جي ٻيهر گول ڪرڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيئي حملا ڪيا پر سعودي عرب جي گول ڪيپر الاويس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو  ڪيترائي يقيني گول بچايا.ارجنٽائن جا ٻه گول آف سائيڊ تي ضائع ٿيا، سعودي عرب جي گول ڪيپر الاويس گهٽ ۾ گهٽ پنج يقيني گول بچائي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. . پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي طرفان گول اسڪور ڪرن واري موقعي تي راندين واري وزير جي خوشي جي اظهار واريون تصويرون جاري ڪيون آهن. سعودي عرب ۽ ارجنٽينا جي ميچ دوران قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ سعودي جي راندين واري وزير شهزادو عبدالعزيز بن ترڪي الفيصل به اسٽيڊيم ۾ موجود رهيا. ميچ ۾ سعودي عرب جي راندين واري وزير ٽيم طرفان گول ڪرڻ تي جذبن تي ضابطو نه رکي سگهيو ۽ هڪٻئي کي ڀاڪر پائي واڌايون ڏنيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.