ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر) اليڪشن ڪميشن 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايندڙ سال 15 جنوري تي تي مڪاني چونڊون ٿينديون. اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته وفاقي سرڪار ۽  گهرو وزارت قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار مهيا ڪري جڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪن. واضح رهي ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن  ۾ مڪاني چونڊون 3 ڀيرا ملتوي ڪيون ويون هيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.