هڪ ليفٽيننٽ جنرل جو نالو ريس ۾ شامل ڪري عمران کي ڊيڄاريو ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جي مقرري تي اسٽيبلشمينٽ ۾ ڏار پيل آهي ۽ حڪومت ۾ به ڦڏو پيل آهي، وزيراعظم جو آئين تحت مقرري وارو اختيار کسڻ لاءِ سڄو کيل کيڏيو پيو وڃي، پهرين عمران خان کي آرمي چيف مقرر ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ کيس گهر موڪليو ويو ۽ هاڻي هن حڪومت سان به اهڙو حشر ٿي رهيو آهي ته آرمي چيف توهان کي ناهي لڳائڻو، توهان کان صحيح ڪرائينداسين پر آرمي چيف توهان جي مرضي جونه هوندو، هڪ مقرري تي پورو ملڪ مفلوج بڻيل آهي، هر ڪو ان مقرري تي ڳالهائي رهيو آهي.

باخبر صحافي مطابق هن حڪومت کي ڇا اندازو نه هو ته اسٽيبلشمينٽ کين آڻي عمران خان کي نئون آرمي چيف لڳائڻ ڏيڻ جي اجازت نٿي چاهي ، اسان کي جيڪڏهن اقتدار ۾ آندو پيو وڃي ته فوجي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي وارو آرمي چيف لڳرائڻو پوندو، وڏي طريقي سان ان معاملي کي ڊيگهه ڏني پئي وڃي، آءِ ايم ايف ستين قسط لاءِ شيڊول ميٽنگ نه پئي ڪري، محمد بن سلمان جنهن کي چار يا پنج ارب ڊالر ڏيڻا هئا اهو به پاڪستان نه پيو اچي، چين به ٻه ٽي ارب ڊالر نه پيو ڏئي، سڀ ڏسي رهيا آهن مقرري ڪڏهن ٿي ٿئي، سياسي استحڪام اچي ٿو يا نه، سيڙپڪاري جو عمل رڪجي ويو آهي، ڇا اها غيرمعمولي صورتحال ناهي، ڇا اسٽيبلشمينٽ لاءِ اها پريشان ڪندڙ صورتحال ناهي ته اهو مونجهارو ختم ڪرائجي، بهانو ڏنو ويوليفٽيننٽ جنرل وسيم اشرف ڀٽي 18 نومبر تي ريٽائر ٿيندو پوءِ سمري ٺهندي.

خرم دستگير چوي ٿو ته اسان کي خدشو آهي ته مقرري جو معاملو عدالت ۾ هليو ويندو، هڪ ليفٽيننٽ جنرل کي ريس ۾ شامل ڪيو ويو ته عمران خان کي ڊيڄاري سگهجي هاڻي ساڳيو عمران اسٽيبلشمينٽ جي ڪئمپ ۾ شامل ٿي چوي پيو ته منهنجي حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ جو هٿ ناهي، سمري تي وفاقي حڪومت کي مفلوج بڻايو ويو آهي، خواجا آصف کي رڳو اميد آهي کيس پڪ ناهي ته جي ايڇ ڪيو مان سمري ايندي،شاهد خاقان عباسي ڪنهن خلاف ايڪشن جو اشارو پيو ڪري، ظاهر آهي ته سندس اشارو جي ايڇ ڪيو ڏانهن آهي، اينڪر شاهزيب خانزاده زبردست تجزيو ڪيو آهي ته 22هين گريڊ جي آفيسر جي معاملي تي ملڪ تباهي ڪناري پهچايو ويو آهي.

نوٽ: اسد طورجوهي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 22-11-23 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.