صادق سنجراڻي جي استعيفيٰ تي پي ٽي آءِ سينيٽر ورهائجي ويا

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ چيئرمين جي استعيفيٰ  ۽ بي اعتمادي  جي معاملي تي پي ٽي آءِ  جا سينيٽر ورهائجي ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته استعيفيٰ نه ڏيڻ تي سينيٽ چيئرمين کي بي اعتمادي  تحريڪ جو پيغام پهچايو ويو.ذريعن ٻڌايو ته سينيٽ چيئرمين  خلاف بي اعتمادي تحريڪ تي پي ٽِي آءِ  جا سينيٽر  متفق ناهن، سينيٽرن جو اعظم سواتي سان يڪجهتي  جو اظهار  پر استعيفيٰ  يا تحريڪ جي حق ۾ ناهن.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اعظم سواتي جو سينيٽ کان اهم ڪميٽي ۾ پيش نه ٿيڻ تي سينيٽرن کي ڳڻتي آهي.اعظم سواتي جا وڊيو ثبوت نه ڏيڻ تي سينيٽر استعيفيٰ  جي مطالبي  کان هٽي  رهيا آهن، سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ  جي اڪثريت نه هئڻ به بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي.ياد رهي ته پي ٽي آءِ  سينيٽ چيئرمرن صادق سنجراڻي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.