ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ پوليس کي جديد ٽريننگ ڏيون پيا:آءِ جي پوليس

حيدرآباد (رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ منشيات سماج لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ غير معمولي ڪارروائي ڪئي ويندي، اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ پوليس  کي جديد هٿيارن سان گڏ ٽريننگ ڏني پئي وڃي، ڏوهن جي روڪٿام وارو قانون ڪمزور هجڻ ڪري جرڳائي نظام کي هٿي ملي، جنهن جا منفي ۽ مثبت رخ آهن، جنهن کي انصاف جي منصفاڻي نظام ذريعي ئي  روڪي سگهجي ٿو. پوليس جي اعليٰ عملدارن جي مقررين ۾ ميرٽ ڪئي پئي وڃي، پوليس آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو قانوني اختيار وڏي وزير وٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ چانهه جي دعوت ۾ شرڪت دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات دهشتگردي جهڙي خطرناڪ شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ  پوليس آفيسرن کي واضع حڪم ڏنو آهي ته هو سخت کان سخت قدم کڻن، پوليس آفيسرن پاران منشيات جي وڌيڪ رڪوري واري ڪارڪردگي پوليس جي ڪاميابي نه پر ناڪامي آهي، جو منشيات گهٽجڻ بدران وڌيڪ رڪور ٿئي ٿي. هن چيو ته منشيات جا قانون ۽ سزائون سخت آهن، پوليس آفيسرن کي گهرجي ته اهي مضبوط ڪيس ٺاهي عدالتن ۾ پيش ڪن، هاڻ  ٿاڻي تي اهو ايس ايڇ او لڳندو، جيڪو قتل، منشيات جي ڪيسن جي پاڻ جاچ ۽ پوئواري ڪندو.هن چيو ته سنڌ پوليس کي جديد هٿيار ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪري رهيا آهيون، پوليس آفيسرن جي ٽريننگ جي سسٽم  ۾ وڌيڪ سڌارا آڻڻ سان گڏوگڏ ڪرائوڊ مينيجمينٽ يونٽ ۽ ريپڊ ريسپانس فورس کي پڻ وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي، جڏهن ته سي ٽي ڊي کي جديد وسيلا ۽ عمارتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار سوا ٽي ارب روپين جي بجيٽ جاري ڪئي آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪراچي ۾ ڪرائيم جي انگ جي حوالي سان ڪجهه سال اڳ 6 هين نمبر تي هو، جيڪو هاڻ 136 نمبر تي اچي ويو آهي، ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيون ٿا ته ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل يا زخمي ٿيڻ جا واقعا ٿيا آهن، جڏهن ته باقي سنڌ ۾ اهڙا واقعا ناهن ٿيا. ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سنڌ پوليس جو اهم ڪردار آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وفاق اسلام آباد ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ  سنڌ پوليس کان 5 هزار نفري جي گهر ڪئي هئي، جنهن مان اسان نفري گهٽ هجڻ ڪري صرف 2 هزار اهلڪار اسلام آباد موڪليا هئا، ان مان 1500  اهلڪار واپس سنڌ اچي چڪا آهن، جڏهن ته 500 اهلڪار به جلد واپس پهچي ويندا. هن چيو ته سنڌ پوليس  ۾ اهڙا 2500 اي ايس آءِ ڀرتي ڪري رهيا آهيون، جيڪي صرف ڪيسن جي جاچ ڪندا ۽ انهن جي ٽن سالن تائين بدلي نه ڪري سگهبي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.