سنڌ پوليس جا اهلڪار اسلام آباد اماڻڻ خلاف درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار اسلام آباد موڪلڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.سنڌ پوليس جي نفري اسلام آباد اماڻڻ خلاف اپوزيشن  ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت ٻڌڻي هلائي.چيف جسٽس درخواست گذار اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کان سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو آئين جي ڪهڙي  شق جي ڀڃڪڙي ٿي آهي؟.حليم عادل شيخ جي وڪيل ٻڌايو ته آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 16 جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته احتجاج اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، اتي ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟عدالت حليم عادل شيخ جي درخواست کي نه ٻڌڻ  جوڳو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي سيڪيورٽي لاءِ پهتل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.