“جواءِ  لينڊ ”جي ريليز خلاف درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فلم “جواءِ  لينڊ ”جي ريليز جي خلاف داخل  درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڌرين دليل ڏنا.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فلم جي ريليز آئين جي آرٽيڪل 227 جي ڀڃڪڙي آهي، فلم کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ کان روڪيو وڃي.مولوي اقبال حيدر چيو ته پاڪستان ۾ اسلام جي روح ۽ تعليم جي خلاف ڪوبه ڪم نٿو ڪري سگهجي.چيف جسٽس احمد علي شيخ درخواست گذار کان سوال ڪيو ته اوهان فلم ڏٺي آهي؟، جنهن تي درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته فلم جو مواد ان قابل ناهي جو ان تي سرعام عدالت ۾ بحث ٿي سگهي.چيف جسٽس درخواست گذار سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان فلم ڏٺي ناهي ۽ پابندي  لاءِ عدالت هليا آيا آهيو.عدالت علي جوڻيجو جي فلم جواءِ لينڊ جي رليز خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.