گم ٿيل شهرين جي باريابي لاءِ گهرو کاتي کان رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نينگريءَ  سميت چئن ماڻهن جي گم ٿيڻ واري درخواستن تي ٻڌڻي ٿي .عدالت ۾ جاچ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائي ته نينگري مذهب مٽائي شادي ڪئي آهي.جاچ آفيسر وڌيڪ چيو ته نينگري پنهنجو نالو بينش سليم رکيو آهي،.زمان ٿائون ٿاڻي تي ڪيس داخل اهي. .درخواست گذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن نينگري شادي ڪئي آهي ته نڪاح نامو ڏيکاريو وڃي.عدالت درخواست کي غير موثر قرار ڏيڻ کان پوءِ خارج ڪري ڇڏي .عدالت گم ٿيل شهري محمد زبير ۽ فيصل قيوم جي گمشدگي تي ڳڻتي ظاهر ڪري سندن باريابي لاءِ پوليس، گهرو کاتي ۽ رينجرز سميت ٻين کان رپورٽ گهري ورتي. .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.