ڪراچي ۾ گرفتاري ڪوشش تان جوابدار اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو، پرڏيهه فرار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۾ گاڏي ٿاڻي وٺي وڃڻ تيپوليس اهلڪار سان ڏند چڪ کانپوءِ شهري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب اهلڪار ٿڏي تي مارجي ويو. جوابدار فرار ٿي ويو آهي. ڪلفٽن پوليس موجب گذريل رات ڪلفٽن جي اي اسٽريٽ ۾ 35 ورهين جي پوليس اهلڪار عبدالرحمان کي اڳوڻي ڊي سي جي پرڏيهه رهندڙ پٽ گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي ڏکڻ سيد اسد رضا ٻڌايو ته واقعي دوران موٽر سائيڪل تي سوار ٻه پوليس اهلڪار شڪي شخص جي گاڏي کي پوليس اسٽيشن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سينيئر پوليس آفيسر چيو ته شاهين فورس جا ٻه اهلڪار ڪلفٽن بلاڪ 5 جي آئڊيل بيڪري ڀرسان گشت ڪري رهيا هئا، ان دوران اهلڪارن ڪارن شيشن واري گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو. پوليس آفيسر ٻڌايو ته اهلڪارن موجب گاڏي ۾ موجود جوابدار مبينا طور ڇوڪريءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.  ايس ايس پي چيو ته گاڏي روڪڻ دوران اهلڪار ۽ شڪي جوابدار ۾ گهڻي دير تائين ڏند چڪ ٿي، جنهن کانپوءِ جوابدار پسٽل ڪڍيو، هن پوليس اسٽيشن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ هڪ اهلڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي ويو. جوابدار جي سڃاڻپ خرم نثار جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو ڊي ايڇ اي جو رهواسي آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڏکڻ پوليس جوابدار جو پتو لڳائي ورتو آهي، جڏهن ته شڪي جوابدار جي گاڏي ۽ واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدار کي جلد گرفتار ڪنداسين. ايس ايس پي دعويٰ ڪئي ته مبينا جوابدار جي ساٿي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اسد رضا انڪشاف ڪيو ته مبينا جوابدار سوئيڊن ۾ رهندو آهي ۽ 5 نومبر تي پاڪستان واپس آيو هو. هوڏانهن پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر جو پٽ نڪتو. ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ موجب جوابدار خرم نثار جو اباڻو گهر ڊفينس فيز 5 ۾ واردات واري هنڌ ڀرسان آهي، پوليس جوابدار جي گهر تي ڇاپو هڻي هٿيار ۽ دستاويز هٿ ڪيا، جڏهن ته چوڪيدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. عرفان بلوچ ٻڌايو ته جوابدار نثار زال ۽ ٻن ٻارن سان گڏ سوئيڊن جو مستقل رهواسي آهي ۽ سندس ٻيو ڀاءُ فيملي سان گڏ فيصل آباد ۾ رهي ٿو، واردات ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي گهر ڇڏي جوابدار ٻي گاڏي ۾ فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته گهر مان مليل هڪ پسٽل جي فرانزڪ ڪرائي ويندي. پوليس جوابدار خرم نثار جي والدين جو بيان رڪارڊ ڪيو، جنهن ۾ انهن جوابدار کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. پوليس موجب والدين بيان ۾ چيو ته کين خبر ناهي ته ان وقت خرم ڪٿي آهي، خرم سال ۾ هڪ ڀيرو پاڪستان ايندو آهي ۽ پاڪستان اچي ڇا ڪندو آهي اسان کي خبر ناهي، خرم جي حرڪتن جا اسان بلڪل ذميوار ناهيون. هوڏانهن پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار سوئيڊش پاسپورٽ استعمال ڪندي پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي. هو استنبول ذريعي پرڏيهه هليو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.