سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪا به ڇڪتاڻ ناهي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪا به ڇڪتاڻ ناهي، معاملا درست وڃي رهيا آهن، جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته آرمي چيف مقرري جي حوالي سان 24 ڪلاڪن ۾ اڳڀرائي ٿيندي، دفاع وزارت وٽ سينيئر آفيسرن جا نالا اچي ويندا، اسان نالا وزيراعظم حوالي ڪري ڇڏينداسين ۽ هو فيصلو ڪندو، هن چيو ته سينئر فوجي آفيسرن جا نالا موڪلڻ جو استحقاق جي ايڇ ڪيو جو آهي، خواجا آصف کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم ڪيترو وقت لڳائيندو؟ کيس ترڪي به وڃڻو آهي، ان تي هن چيو ته اها رڳو 48 ڪلاڪن جي ڳالهه آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنرل باجوا جي رٽائرمينٽ کانپوءِ جي زندگي لاءِ نيڪ خواهشون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.