اومني گروپ پاران عمران خان کي 9 ارب ڏنڊ جو قانوني نوٽيس

ڪراچي( رپورٽر) اومني گروپ پاران عمران خان کي 9 ارب رپين جو قانوني نوٽيس موڪليو ويو آهي. اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي پٽ خواجا عبدالغني مجيدعمران کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته اوهان ۽ اوهان جي پارٽي اڳواڻ اومني گروپ تي غلط ۽ سنگين الزام هنيا . هن قانوني نوٽيس ۾ چيو ته  اومني سان آصف زرداري جو ڪو واسطو ناهي نه ئي مون نيب سان پلي بارگين ڪئي آهي. 14 ڏينهن ۾ معافي وٺو ۽ ڏنڊ ڀريو نه ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته غلط الزامن سبب اومني گروپ کي ڪروڙين رپين جو نقصان پيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.