سياسي بحران سبب معاشي مشڪلات ۾ واڌ، ڇا پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) دنيا ۾ جاري اقتصادي ۽ معاشي بحران جي ڪري پاڪستان جي معيشت متاثر ٿي رهي آهي، پر ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ جاري سياسي بحران جي ڪري به معاشي مشڪلات وڌي رهي آهي ۽ معيشت تي سياست پاڪستان جي باري ۾ عالمي سطح تي موجود تاثر کي ناڪاري ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي سفارتڪاري ۽ سياست ۾ پاڪستان جي پوزيشن به معاشي مشڪلات ڪجهه وڌائي رهي آهي.

ڊان نيوز موجب غيرملڪي ميڊيا خبر ڏني ته پاڪستان جو ڪريڊٽ ڊيفالٽ سواپ گهڻو وڌيڪ وڌي ويو آهي، ان تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بيان ڏنو ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪرڻ وارو آهي، جنهن بعد پاڪستاني ميڊيا خبرون هلائڻ شروع ڪري ڇڏيون.

ناڻي وزير اسحاق ڊار ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي غيرملڪي قرضن نه اڳ ڪڏهن ڊيفالٽ ڪيو نه هاڻي ائين ٿيندو، تازن ڏينهن ۾ آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ تيل جي قيمت ۽ پيداوار جي حوالي سان تڪرار پيدا ٿيو ته پاڪستان آمريڪا بدران سعودي عرب جي عمل کي درست قرار ڏنو، ان سان گڏ ئي وفاقي حڪومت روس کان ڪڻڪ خريداري جو به اعلان ڪيو ان کانپوءِ آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ سفارتي ڇڪتاڻ وڌي آهي.

آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ تي آمريڪي ۽ مغربي اثررسوخ ڪنهن کان لڪيل ڇپيل ناهي، اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان تباهي باجود آءِ ايم ايف ڪنهن به قسم جي معاشي رليف کان نابري واري آهي ۽ حڪومت کي 800 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ، مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ ۽ رپئي جو قدر وڌيڪ ڪيرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هن وقت پاڪستان ۾ انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ سرمائي جي کوٽ نظر اچي رهي آهي.

ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گذريل 6 مهينن کان سراسري هر مهيني 50 ڪروڙ ڊالر جي شرح سان گهٽتائي ٿي رهي آهي، فيبروري ۽ مارچ ۾ 12 ارب ڊالر کان اڄ اسان وٽ 8 ارب ڊالر آهن، جيڪي رڳو 36 ڏينهن جي درامد جي برابر آهن، پاڪستان ڊالر بچائڻ لاءِ درآمد ته گهٽ ڪري ڇڏي آهي پر گڏ ئي برآمد ۽ ترسيلات زر ۾ به گهٽتائي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي هن سال 22 ارب ڊالر جا قرض ادا ڪرڻا آهن، دوست ملڪ به نومبر ۾ ٿيندڙ عسڪري مقرري ۽ لانگ مارچ جي سياسي اثرن جو جائزو وٺي رهيا آهن، مستقبل قريب ۾ عوام کي وڌيڪ معاشي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوندو.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 22-11-23 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.