شوگر ملز ايسوسيئيشن وفد جي اسحاق ڊار سان ملاقات، کنڊ برآمد تي ڳالهيون

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شهرين کيوڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽريٽجڪ ذخيرن ۽ قيمتن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زو ڀريو آهي. هن اها ڳالهه گذريل ڏينهن هتي پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات دوران چئي. وفد جي اڳواڻي ايسوسيئيشن جو چيئرمين عاصم غني عثمان ڪري رهيو هو. صنعتن ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، ناڻي بابت خاص مددگار طارق باجوا، ۽ ناڻي واري وزارت جا سينيئر عملدار ان موقعي تي موجود هئا. ايسوسيئيشن جي چيئرمين ناڻي واري وزير کي ملڪي مجموعي اقتصادي ترقيءَ ۾ کنڊ جي صنعت جي ڪردار ۽ خدمتن کان آگاهه ڪيو. هن کنڊ جي صنعت کي جي ايس ٽي، کنڊ جي اسٽاڪ ۽ـ روانگي واپار بابت مسئلن بابت پڻ ٻُڌايو. ناڻي واري وفاقي وزير ايسوسيئيشن کي خاطري ڪرائي ته حڪومت شوگر ملز ۽ ڪمند جي آبادگارن جي مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف آهي.

نيب قانونن ۾ ترميم، اسحاق ڊار خلاف ڪارروائي ختم

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نيب ترميمي ايڪٽ کانپوءِ ڄاڻايل ڪيس هن عدالت جي دائري ۾ ناهي رهيو تنهنڪري عدالت نه جوابدار ۽ نه ئي نيب بابت فيصلو ڏئي سگهي ٿي. جج چيو ته نيب ترميمي ايڪٽ بعد عدالت هاڻ بريت جي درخواستن تي فيصلو جو به اختيار نٿي رکي انڪري اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري نيب ريفرنس جي ڪارروائي ختم ڪئي وڃي ٿي. 03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.